تنزيله شيدي، پاڪستان جي پهرين ڪاري نسل واري سنڌ اسيمبلي جي ميمبر

نيوز ڊيسڪ , بول نيوز

پیر - 13اگست 2018, 12:55PM

  • 66
  • قومي
prev next

سنڌ جي شيدي ڪميونٽي سان تعلق رکندڙ تنزيله قمبراڻي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر طور حلف کنيو، تنزيله قمبراڻي کي اهو اعزاز حاصل آهي ته پاڪستان جي قيام کانپوءِ هُو پهرين ڪاري نسل جي عورت آهي، جنهن اسيمبلي ۾ ميمبرشپ حاصل ڪئي.

تفصيلن موجب قومي اسيمبلي کانسواءِ سنڌ ۽ خيبرپختونخوا اسيمبلي جي نون ميمبرن به حلف کنيو آهي، ۽ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سنڌ جي شيدي ڪميونٽي سان تعلق رکندڙ اميدوار کي سنڌ اسيمبلي ۾ نمائندگي ڏني وئي آهي.

پاڪستان پيپلز پارٽي تنزيله شيدي کي عورتن جي مخصوص سيٽن تي نامزد ڪيو هو، ان جو تعلق ضلعي بدين جي شهر ماتلي سان آهي.

39 سالن جي عورت اسيمبلي ميمبر تنزيله شيدي جو تعلق افريڪي ملڪ تنزانيه سان آهي، تنزيله سنڌ يونيورسٽي مان ايم ايس سي جي ڊگري حاصل ڪئي، هُو شادي شده ۽ ٽن ٻارن جي ماءُ آهي، جڏهن ته گذريل ڪجهه سالن کان پيپلز پارٽي عورت ونگ جي ضلعي صدر به رهندي.

تازہ ترین خبرون